
حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) هوسڙي ويجهو ڳوٺ حاجي جمعون ٻوڙو واسي شوڪت ڪلهوڙو جي 7 ورهين جي ڌي عاليا گهر اڳيان راند ڪندي اوچتو اڪرم واهه ۾ ڪري پئي، جنهن جو لاش مقامي ٽوٻن ڪجهه ڪلاڪن جي ڳولا بعد اڪرم واهه مان هٿ ڪيو. جڏهن ته معصوم ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.