پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ پاسبان اڳواڻ جي گرفتاري ۽ ملاقات تي پابندي خلاف ريلي

ٽنڊوآدم (ن، سنڌ ايڪسپريس) ٽنڊوآدم ۾ پاسبان اڳواڻ سلطان خاصخيلي سندس ساٿين سميت صحافين عبدالله بهڻ ۽ غلام جيلاني جي گرفتاري ۽ ملاقات بند ڪرڻ خلاف عوامي خاصخيلي فورم طرفان قربان خاصخيلي، آزاد عباس خاصخيلي، نور علي، گلبهار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايم اي جناح روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. ان موقعي تي اڳواڻن ٻڌايو ته منشيات جي وڪري ۽ پوليس جي ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ تي پوليس پاسبان اڳواڻ سلطان خاصخيلي سميت ٻن صحافين تي جڙتو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ ملاقات تي به پابندي لڳائي وئي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي. جڏهن ته ايس ايس پي سانگهڙ ڪيس جي جاچ سٽي پوليس کان وٺي تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اسحاق سنگراسي حوالي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button