پاڪستانپنجاب

حڪومت جي خاتمي کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي: احسن اقبال

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اتحادين کي جلد احساس ٿيندو ته حڪومت ختم ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه رستو ناهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته جنهن اتحادي جي نظر پنهنجي سياسي مستقبل تي آهي اهي هن حڪومت کان ڌار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويندا ۽ حڪومت کان ڌار نه ٿيندڙ اتحادي پارٽين کي عوام ڪڏهن به معاف نه ڪندو. احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي وڃي ته ٻه اپشن آهن. ڪنهن کي اڪثريت نه ملڻ جي صورت ۾ صدر پابند هوندو ته اهو اسيمبليون ختم ڪري نئين چونڊن جو اعلان ڪري ٻئي صورت ۾ جيڪڏهن ڪنهن وزيراعظم تي اتفاق ٿيو ته اهو نگران وزيراعظم هوندو جيڪو هڪ ٻن مهينن دوران چونڊ اصلاحن کان پوءِ نئين چونڊن جو اعلان ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button