پاڪستانسنڌ

قرت العين جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد ۾ ڌرڻو

حيدرآباد ۾ قرت العين جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن پاران پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري نه ڪرڻ تي لمس انتظاميا خلاف اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب ميران محمد شاهه روڊ ڪيترائي ڪلاڪ بند رهيو،

قرت العين جي وارثن سان يڪجهتي لاءِ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمز علي چانڊو سميت ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقتول قرت العين عرف عيني بلوچ جي امڙ آمنه بليدي، سندس ڀيڻ بسم الله بليدي ۽ ٻين چيو ته 15 جولاءِ تي قرت العين کي سندس مڙس عمر ميمڻ گهر ۾ وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو. واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد پوليس قاتل کي گرفتار ڪيو پر اڃا تائين بلديا پوليس عدالت ۾ ڪيس جو پڪو چالان پيش نه ڪيو آهي.

قرت العين جي وارث عورتن لمس اسپتال جي انتظاميا تي الزام هڻندي چيو ته ميڊيڪو ليگل شعبي پاران اڃا تائين پوسٽ مارٽم ۽ ڊي اين اي جي رپورٽ جاري ناهي ڪئي وئي، جنهن ڪري ڪيس جو جاچ آفيسر هر ڀيري لاڳاپيل عدالت مان تاريخ وٺي واپس هليو وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button