پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي جو وفاقي حڪومت جي ڏاڍ خلاف احتجاجي ڌرڻو

پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي جو وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ زرعي پاڻي کوٽ، بجلي، گئس لوڊشيڊنگ، وفاقي ادارن مان هزارين ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ سميت صوبي کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، خير محمد شيخ، انور علي نواز لهر، وقار ڀٽو، مير ماجد علي بروهي، عبدالقادر ڀٽو، افضل ابڙو، نصيبا چنا، عمران جتوئي، غلام رسول ڇڄڙو، ظهير ناريجو، آصف عباسي، عبدالرحمنٰ موريو، جبران جوکيو، منصور احمد کوکر، فهيم گل شيخ، ايڊووڪيٽ راشد شيخ، محمد صديق ڪوريجو، عطا الرحمنٰ مڱڻيجو، عمران شيخ، سمندر خان شيخ سميت عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نااهل نيازي حڪومت سنڌ سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، وفاقي ادارن مان 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪري سندن خاندانن کي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران نيازي سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ رقم ۾ نظرانداز ڪري ثابت ڪيو ته هو صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي، جيڪو گئس، ڪوئلي ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر فيڊرل گورنمينٽ سنڌ ۾ ئي گئس ۽ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري صوبي جي عوام کي پريشان ڪري رهي آهي. سليڪٽيڊ حڪومت مهانگائي ڪري پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي ته وري ٻي پاسي سنڌ سان ظلم هلندڙ آهي، جنهن کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اسان نااهل حڪومت کي چتاءُ ٿا ڏيون ته فوري طور تي وفاقي ادارن مان برطرف ڪيل سمورن ملازمن کي بحال ڪرڻ سميت پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪري بجلي، گئس لوڊشيڊنگ کي ختم ڪندي اين ايف سي ايوارڊ جي رهيل رقم صوبائي حڪومت کي جاري ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ پيپلز پارٽي جا جيالا سموري ملڪ جا هاءِ ويز بند ڪري سخت احتجاج ڪندا، جنهن جي ذميوار وفاقي حڪومت هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button