پاڪستانسنڌ

وارهه ويجهو لعلو رائنڪ واسي پوليس اهلڪار شهيد، رائيفل ڦر

وارهه ويجهو ڊيوٽي تان واپس موٽندڙ لعلو رائنڪ واسي پوليس اهلڪار غلام نبي تنيو کي پوليس پڪٽ پنهل بليدي لاڙي وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي شهيد ڪري سرڪار رائيفل ۽ موبائيل فون کڻي ويا. اطلاع تي وارهه پوليس سميت ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ واقعي واري هنڌ پهچي ويو، جنهن بعد هٿياربندن جا پيرا کنيا ويا ۽ شهيد پوليس اهلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ وارهه اسپتال نيو ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف شهيد پوليس اهلڪار جي وارثن لعلو رائنڪ جي خاصخيلي برادري تي شڪ ڏيکاريو ۽ اهڙي شڪ بابت ايس ايس پي کي آگاهي ڏني وئي. جنهن بعد مختلف ٿاڻن جي ڏهن کان وڌيڪ پوليس موبائيلن تي پوليس نفري ڊي ايس پي وارهه جي اڳواڻي ۾ لعلورائنڪ جي خاصخيلي پاڙي جي شڪ هيٺ آيل عبدالوحيد خاصخيلي جي گهر تي چڙهائي ڪري نويد، عبدالحميد، جاويد، سراج، آصف، نواب خاصخيلي سميت 7 ڄڻن کي کنڀي وارهه ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. شهيد پوليس اهلڪار جي جنازي نماز عيدگاهه ۾ ادا ڪري گارڊ آف آنر ڏنو ويو. جنازي نماز ۾ ڊي سي قمبر جاويد نبي کوسو، ايس ايس پي سمير نور چنا، ونگ ڪمانڊر رينجرز، ڊي ايس پي وڳڻ خادم بليدي، ڊي ايس وارهه شرف الدين سومرو ۽ ٻين آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي سمير نور چنا ڳالهائيندي چيو ته پوليس اهلڪار غلام نبي تونيو بهادر جوان هو ڌاڙيلن سان مقابلو ڪندي پنهجي جان جو نظرانو ڏنائين جنهن تي پوليس کي فخر آهي، قاتلن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ٻئي طرف شهيد اهلڪار جي سئوٽ زبير احمد تنيو چيو ته اسان تي خاصخيلي برادري ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي گهرن تي حملو ڪري خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، جنهن بعد رات هي واقعو پيش آيو آهي. هوڏانهن پوليس چار نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button