شڪارپور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن ايس ايڇ او مدئجي رفيق سومرو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڇتو منگي ۽ ڳوٺ پنهور پليجا تي چڙهائي ڪري گهرن جو سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران پوليس گهرن ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن بعد پوليس اهلڪارن گهرن ۾ پيل سامان کڻڻ سان گڏ زرعي زمين تي هارپي لا ويندڙ پورهيتن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ڪيترن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مدئجي رفيق سومرو ٻڌايو ته بروهي برادري جي 4 ڄڻن جي قتل ڪيس سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل روپوش جوابدارن جي گرفتاري لا چڙهايون ڪيون آهن، جتان شڪ جي بنياد تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن، گرفتار ٿيلن جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد بيگناهن کي آزاد ڪيو ويندو. ڏوهارين جي گرفتارين تائين ڪارروايون جاري رهنديون. هوڏانهن ڳوٺ پنهور پليجا واسين بهار الدين پنهور، امداد، عابد پنهور ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس بروهي برادري جي 4 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي آڙ ۾ اسان جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي، پوليس بنا ڏوهه چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪرڻ بعد بهارالدين پنهور جي گهر جي چوديواري ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي آهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بنا ڏوهه جي چڙهائي ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close