پاڪستانسنڌ

مدئجي ۾پوليس ڪارروائي، 4 نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون هٿ،7 ڄڻا گرفتار

مدئجي پوليس ڳجهي اطلاع تي با پاس مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي گاڏين کي روڪڻ جو اشارو ڪيو گاڏيون نه روڪڻ تان پوليس مين روڊ تي موبائيلون بيهاري ناڪابندي ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن دوران پوليس چئن نان ڪسٽم پيڊ لکين روپين جي ماليت گاڏين کي حراست ۾ وٺي ڊرائيورن سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ٻيا ڊرائيور پوليس کان 4 قيمتي گاڏيون ڀڄائي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. گرفتار ٿيلن ۾ ڪوئيٽا واسي جهانزيب ولد محمد جان پٺاڻ، ضمير احمد ولد اختر محمد ڪاٿو پٺاڻ، ارباب شمشير، قادر داد ولد مزار خان مينگل، عابد ولد نيڪ محمد مينگل، حفيظ الله جتڪ، روزڪو خان ولد عبدالرشيد پٺاڻ شامل آهن، جيڪي بين الصوبائي گاڏين جي منتقلي ڪندڙ ڊرائيور ۽ ايجنٽ آهن، گرفتار ٿيلن کي پوليس مدئجي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. گرفتار ٿيلن ٻڌايو ته اسان بلوچستان کان سنڌ صوبي جي مختلف شهرن ۾ روزانو جي بنياد تي گاڏيون پهچائيندا آهيون گاڏيون سکر ڪاهي وڃي رهيا هئاسين جيڪي حاجي امان الله تائين پهچائڻيون هيون، اسان کي گاڏين جي پهچائڻ جا في گاڏي تي 20 هزار ملندا آهن. هن چيو ته حاجي امين الله اسان جو ڊيلر آهي، جنهن جي چين ٺهيل آهي بلوچستان کان سکر تائين اسان کي پوليس به ناهي روڪيندي. ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايڇ او مدئجي ڊيل بعد گرفتار ٿيل 7 ڄڻن ۽ 4 نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڇڏي ڏنو آهي، جنهن بابت پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ لا تيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button