پاڪستانسنڌ

سن ۾ معصوم ٻار راند کيڏندي ڪريل تارن ۾ وچڙي فوت

سن ۾ امام بارگاهه ويجهو راند ڪندڙ 5 ورهين جو حسنين پٽ زمان شاهه بجلي جي ڪريل تارن ۾ وچڙي فوت ٿي ويو. معصوم نينگر جو لاش مانجهند اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. معصوم نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف وارثن سيد زمان شاهه، سيد مھدي شاهه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته بجلي جون تارون ھيٺ لڙڪي رھيون ھيون، حيسڪو عملدارن کي ڪافي شڪايتون ڪيون پر انھن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. وارثن جو چوڻ ھو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ حيسڪو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button