پاڪستانسنڌ

سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جي چونڊ ملتوي ٿيڻ خلاف احتجاج

سنڌ يونيوسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي 26 سيپٽمبر تي اعلانيل اليڪشن ٻيهر ملتوي ڪرڻ خلاف اميدوارن پروفيسر آغا رياض حسين، پروفيسر نظير احمد گوپانگ، منور ناريجو، امداد چنا، رستم بروهي, ارشاد بروهي, سليم لاکو, مجتبي’ ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ايڊمنسٽريٽر زين ڳن خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جي اميدوارن ۽ ووٽرن گڏيل طور تي احتجاج ڪندي چيو ته 26 سيپٽمبر تي اعلانيل اليڪشن اوچتو ملتوي ڪري رهواسين ۾ بيچيني پکيڙي وئي آهي. سوسائٽي ۾ عارضي طور تي ٻن مهينن لاءِ مقرر ڪيل ايڊمنسٽريٽر زين ڳن اليڪشن ڪرائڻ بدران ڪرپشن جي ڀرمار لڳائي ڇڏي آهي. سوسائٽي ۾ پاڻي بلن جي مد ۾ ڪيش ۾ پئسا ورتا ٿا وڃن ۽ اڏاوت ڪندڙن رهواسين کي بليڪ ميل ڪري لکين رپين جي رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد سوئيچز جي اليڪشن ڪرائي ايڊمنسٽريٽر زين ڳن کي هٽائي سندس ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سي ايم هائوس ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button