پاڪستانسنڌ

سن ۾ ظفر شاهه جي حمايت ۾ شٽربند هڙتال،احتجاجي ريلي

سن ۾ 13 قبرون کي کوٽائي بيحرمتي ڪرڻ وارو ڪيس سيد ظفر شاهه ۽ ٻين مٿان داخل ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي سائين جي ايم سيد سميت سيد خاندان جي ميڊيا ٽرائيل خلاف سن جي شهرين ۽ واپاري تنظيمن سن شهر جا سمورو ڪاروباري مرڪز بند رکي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، سوين شهرين سيد ظفر جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي سن جي لنڪ روڊ تي پڻ ڌرڻو هنيو ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪيو. ان موقعي تي شهرين ۽ واپارين فقير بخش فاناڻي کوسو، اشرف عمراڻي، اڳوڻو ڪائونسلر چاندي پليجو، سيد خميسو شاهه ٻين جو چوڻ آهي ته ڪجھه شرپسند ماڻهن سيد ظفر شاهه، شهرين خلاف احتجاج ريلي ڪڍي شهرين کي گٿا لفظ ڳالهائي ڌمڪيون ڏنيون ۽ سيد خاندان خلاف ميڊيا ٽرائيل ڪري رهيا آهن، اسان انهن شرپسندن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سن پيار، محبت، امن ۽ مهمانواز شهر آهي 13 قبرن جي بيحرمتي جي آڙ ۾ سائين جي ايم سيد ۽ سيد خاندان جي خلاف ميڊيا ٽرائيل ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پنهنجي حرڪتن کان باز اچن، سن واسي اهڙن شرپسندن جي رستا روڪ ڪرڻ ڄاڻين ٿا ۽ اسان انهن جي رستا روڪ ڪنداسون. اسان ڪنهن به صورت ۾ انهن کي پنهنجن منصوبن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button