پاڪستانسنڌ

ڄامشوري ۾ يوسي موڙهو جبل جي اڳوڻي ڪائونسلر جو بااثرن خلاف احتجاج

يونين ڪائونسل موڙھو جبل جي اڳوڻي ڪائونسلر واحد بخش کوسو ڄامشورو پريس ڪلب پهچي ۽ الزام هڻندي چيو ته ايم اين اي سڪندر علي راهپوٽو ۽ سندس سيڪيريٽري، تپيدار سليم ملاح ۽ قاسم کوکر منهنجو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. منهنجي کاتي واري زمين تي زوري پاڻ ۽ منهنجي مخالف کوسا برادري جي ماڻھن کي اڳيان ڪري خونريزي ڪرائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته هڪ هفتو اڳ مان جبل تي ڳوٺ ويو هيس جتي موبائيل فون تي مسلسل مونکي گارگند ڪندي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. جنهن بعد مون اهڙي رپورٽ ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي ۽ جاچ تي معلوم ٿيو ته اهو نمبر تپيدار سليم ملاح جو آھي. هن چيو ته ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جي سيڪريٽري سليم ملاح ۽ مينيجر قاسم کوکر گذريل ڏينهن هيوي مشينون گهرائي منهنجي کاتي جي زمين مان زوري رستو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي اتي موجود مائٽن مزاحمت ڪندي روڪيو. ايس ايڇ او ڄامشورو بااثرن جي ڌر بڻيل آھي ۽ مونکي جواب ڏيندي چيو ته توهان جي پراڻي دشمني جو مسئلو آھي اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير، آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته بااثر لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button