پاڪستانسنڌ

ڀان سيدآباد ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ

ڀان سيدآباد ها اسڪول سامهون پلاٽ تي ڪرين مشين هلڻ دوران پنهيار ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ سبب خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، پوليس جي پهچڻ شرط ٻنهي ڌرين جا هٿياربند فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڀان سيدآباد مظهر نائچ ٻڌايو ته ها اسڪول سامهون پنهيار برادري جي پلاٽ تي سولنگي برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪئي، فائرنگ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن پوليس شاهد پنهيار جي فرياد تي واقعي جي اين سي داخل ڪري فائرنگ ڪندڙن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ شاهد پنهيار ٻڌايو ته هي پلاٽ اسان جو ذاتي آهي، جنهن تي بنا جواز سولنگي برادري جي عرس سولنگي فائرنگ ڪري حراسان ڪيو. اعلى اختياريون واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button