پاڪستانسنڌ

سيوهڻ ويجهو هٿياربندن هٿان ڏيڍ ورهين جي ٻارڙي مبينا اغوا

سيوھڻ ويجهو ڳوٺ بھرام ڪٽوھڙ ۾ ٻن جوابدارن ھٿيارن جي زور تي ڳوٺاڻي محمد عمر ڏاھاڻي جي گهر ۾ گهڙي ڏيڍ ورهين جي معصوم نينگري خالده کي زوري اغوا ڪري قاضي احمد کڻي وڃي رھيا ھئا ته نياڻي جي وارثن جي ڪوشش سان آمري پوليس ھڪ جوابدار رحيم بخش رند کي پڪڙي ۽ معصوم نينگري کي بازياب ڪرائي قاضي احمد پوليس حوالي ڪيو، جنهن بعد پوليس بازياب نينگري خالده کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن بعد نينگري جا وارث اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ لا سيوهڻ ٿاڻي پهتا ته پوليس ڪيس نه ورتو. جنهن تي ڏاھاڻي برادري جي ڳوٺاڻن سيوھڻ پريس ڪلب پھچي سيوھڻ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مبينا طور اغوا ڪيل نينگري جي ناني محمد عمر ڏاھاڻي، سھراب، انور علي، غلام سرور ڏاھاڻي ۽ ٻين چيو ته جوابدار ڌر سرعام گھمي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي. ھنن وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ٻنھي جوابدارن رحيم بخش ۽ امير بخش رند خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button