پاڪستانسنڌ

ڏوڪري ويجهو مڙس ڪارنهن الزام ۾ زال کي گهٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو

ڏوڪري ويجهو ڪارنهن الزام هڻي جوابدار پنهنجي زال کي ڳچي ۾ رسو وجهي گهٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو. ڏوڪري ويجهو ڳوٺ حاڪم سنديلو ۾ 35 ورهين جي عورت 8 ٻارڙن جي ماءُ زيبل عرف بيبي سومرو کي 2 راتيون اڳ پنهنجي ئي گهر اندر مڙس محمد سومرو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ڳچي ۾ رسو وجهي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جوابدار زال کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. واقعي جو اهڙو اطلاع يونيورسٽي ٿاڻي تي ڏنو ويو، پوليس اطلاع ملڻ باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن بعد مقتولا عورت جي وارثن لاش کڻائي ڏوڪري اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو وارث ڳوٺ نئون شهر کڻائي ويا. هوڏانهن مقتولا کي اباڻي ڳوٺ نئون شهر جي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. مقتولا عورت جي وارثن ٻڌايو مقتولا عورت جو مڙس روزانو زال کي مارڪٽ ڪندو هو، هنن چيو ته محمد سومرو زال کي مارڪٽ ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي باٿروم ۾ بند ڪري گھران فرار ٿي ويو هو. هوڏانهن چوٻول هلي رهيا آهن ته مڙس مبينا ڪارنهن الزام هيٺ زال کي قتل ڪيو آهي. پوليس جوابدار خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button