پاڪستانسنڌ

ڏوڪري ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لا احتجاجي ڌرڻو

سنڌ جي مختلف علائقن مان جبري طور کنڀي گم ڪيل ماڻھن جي آزاديءَ لاءِ ڏوڪري ۾ سوين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو. وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ سنڌ سجاڳي فورم پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ عام شھرين مرتضي جوڻيجو، پٺاڻ خان زهراڻي، سھيل رضا ڀٽي، انصاف دايو، ايوب ڪانڌڙو، مرتضي امداد شاھه، ڪاشف ٽڳڙ، غلام شبير بليدي، ظفر چانڊيو، سرويچ نوحاڻي، ذاڪر سھتو، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، سجاد مڱڻيجو، نسيم بلوچ، نثار چانڊيو، ڪامران چانڊيو ۽ ٻين جي آزاديء لا احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ۾ کنڀيل ڪارڪنن جي وارث عورتن، مردن ۽ ٻارڙن، ليکڪن، اديبن، سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ ڪارڪن ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهر جو گشت ڪيو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ليکڪ ۽ اديب تاج جويو، سورٺ ٿيٻو، سارنگ جويو، اقصى دايو، ماروي ڪانڌڙو، پارس جوڻيجو، محمد علي خشڪ، فهميده ڀٽي، شاهنواز ڀٽي، امداد جويو، حيدر جويو، اقرار پيرزادو، حسينا ڪانڌڙو، مظهر گلال، بچل سولنگي، رجب سولنگي، جي ايم جويو، امتياز مڱڻيجو، فياض مڱڻيجو، حبيبان خاتون، عاقل ڪلهوڙو، ظهير بسمل، قربان جتوئي ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪي قانون کان مٿانهان قدم کڻي ڏاڍ ۽ جبر جي زور تي ڪيترن ورهين کان قومي ۽ سياسي شعور رکندڙ ماڻهن سميت پورهيت ۽ مزدورن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل سمورن جا وارث مسلسل جدوجهد ۽ تحريڪن ذريعي پنهنجي پيارن کي ظاهر ڪرڻ ۽ کين آزاد ڪرڻ لاءِ ٻاڪاري رهيا آهن پر هن وقت تائين سندن ڪنهن به دانهن نه ورنائي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل سمورا اسير نه ڪنهن ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهيا آهن ۽ نه ئي هنن ڪڏهن آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ان ڪري کين کنڀڻ ۽ گم ڪري ڇڏڻ جو ڪو جواز نٿو جڙي. ان موقعي تي احتجاج ۾ اعلان ڪيو ويو ته جيستائين کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن ۽ پورهيتن کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين هي احتجاج سنڌ جي هر شهر ۽ واهڻ وستي ۾ جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button