پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج

تعليم کاتي لاڙڪاڻي ۾ 12 سال اڳ پرائمري اسڪول ٽيچري جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اميدوارن علي ڏنو گاد، نظير ڀٽو، آفتاب منگي، ديدار، امجد بليدي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته تعليم کاتي ۾ سال 2009ع دوران پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ لکت ٽيسٽ ۾ 60 کان 85 مارڪون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي پر سازش تحت اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ رکي 5 ڀيرا لسٽون تبديل ڪري 15 لک عيوض جعلي گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آرڊر جاري ڪيا ويا. اهڙا ثبوت موجود آهن. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير، تعليم جي وزير کي اپيل ڪئي ته اسان کي آفر آرڊر ڏئي روزگار ڏياريو وڃي ٻي صورت ايندڙ چونڊن ۾ ووٽن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button