پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب معصوم نينگري فوت

لاڙڪاڻي ۾ بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگري فوت ٿي وئي. لاڙڪاڻي جي سهيل ڪالوني ۾ گهر ٻاهران راند کيڏڻ دوران تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 9 ورهين جي نينگري پونا ڌيءَ شمن ميمڻ بيهوش ٿي وئي، جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نينگري جي وارثن فدا حسين ميمڻ ٻڌايو ته اسان جي نياڻي پونا گھر ٻاهران راند کيڏي رهي هئي ته اتان گذرندڙ بجلي تار مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال پهچايو، جتي هو فوت ٿي وئي آهي. هوڏانهن اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button