پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان ڇوڪري سان ٽن جوابدارن جي مبينا زيادتي

لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد حسين آباد پاڙي ۾ مبينا طور جوابدارن 16 ورهين جي ڇوڪري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. اهڙي واقعي خلاف ڇوڪري جي والدين پاڪ پاڪ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته چار ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن ھٿيارن جي زور تي اسان جي ڌيءَ کي اغوا ڪرڻ بعد جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. اهڙو اطلاع وليد ٿاڻي تي ڏنو پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ڳري رشوت وٺي کيس ڇڏي ڏنو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته اسان غريب پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون، پوليس جوابدار ڌر جي ونگار وهندي هڪ اهلڪار 7 هزار ڏئي خالي پني تي صحيح ورتي، جنهن تي اسان پئسا واپس اڇلي ڏناسين. ايس ايڇ او غلام مصطفي ميراڻي پئسا وٺي جوابدارن کي ڇڏي ڏنو آهي.هاڻي پوليس پاڻي نيڪال جو ڊرامو اختيار ڪري اسان جو ڪيس داخل نٿي ڪري، جيڪڏهن انصاف نه ڪيو ويو ته اسان پاڻ کي ايس ايس پي آفيس آڏو باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مک جوابدار ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button