پاڪستانسنڌغير درجه بندي

لاڙڪاڻي ۾ گرفتار پورهيت جي آزادي لا وارثن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج

لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني واسي عورتن ٻارن سان گڏجي مبينا گرفتار پورهيت پٽ جي آزادي ۽ بااثر مائٽن خلاف ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي گرفتار پورهيت جي ما پيرسن نصيبان، سندس ننهن رابيل خاتون، ٻارڙن سعيد ۽ آمنه چانڊيو سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته اسان جو پنهنجي مائٽن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي تان گذريل خميس تي 7 ورهين جي ڀائيٽي شازيه اسڪول ويندي رستي تان گم ٿي هئي، جنهن جي اغوا جو الزام منهنجي پٽ وحيد، ڏير معشوق ۽ مڙس نصير چانڊيو مٿان لڳائي هڪ ڏينهن اڳ وليد ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪيو، جيڪي 2 ڏينهن کان بي گناهه قيد آهن. عابد چانڊيو پنهنجي ڌيءُ شازيه چانڊيو کي لڪائي ڪوڙو ڊرامو رچائي منهنجي مڙس، ڀاءُ ۽ سهري مٿان پنهنجي ڌيءُ جو ڪوڙو الزام لڳائي اسان کي تنگ ڪري رهيو آهي، اسان کي احتجاج تي فون ڪري پوليس کي ڪوڙو جهيڙي جو اطلاع ڏئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته شازيه چانڊيو معاملي جي شفاف جاچ ڪري عابد چانڊيو ۽ سندس گهر ڀاتين خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار پٽ وحيد چانڊيو کي آزاد ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button