پاڪستانسنڌ

قمبر ويجهو زمين ۾ زهريلي دوا ڇٽڻ دوران هڪ ڄڻو فوت، ٻيو بيهوش

قمبر ويجهو ڳوٺ جمعا خان جانوري جا رهواسي 24 ورهين جو رحمت الله جانوري پٽ رمضان جانوري ۽ سجاد علي پٽ عطا الله جانوري زرعي زمين ۾ زهريلي دوا ڇٽڻ دوران بيهوش ٿي ويا، جن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو، جتي هڪ ڄڻو رحمت الله جانوري جي فوت ٿيڻ جي ڊاڪٽر پڻ تصديق ڪئي، جڏهن ته ٻئي نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. فوت ٿيل نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان جو مڙھه گهر پهچڻ تي گهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button