پاڪستانسنڌ

وارهه ويجهو جوابدار فائرنگ ڪري سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

وارهه ويجهو ڳوٺ عبدالغفار چولياڻي ۾ جوابدار فائرنگ ڪري سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ عبدالغفار چولياڻي ۾ جوابدار راحب چولياڻي پنهنجي سئوٽ مشتاق عرف ٻوڙو چولياڻي کي بندوق جا فائر ڪري ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو. اهڙو اطلاع وارهه پوليس کي ڏنو ويو، پوليس جا واردات تي پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال آندو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته واقعي جو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ به معلوم نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button