اسلام آبادپاڪستان

عمران زبان کي لغام ڏي،عدم اعتماد رٿ ناڪام ٿي ته معاملا روڊن تي کڻي اينداسين:اپوزيشن

اسلام آباد:اپوزيشن وزيراعظم عمران خان کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته عمران خان پنهنجي زبان کي لغام ڏي ٻي صورت ۾ اسان کي لغام ڏيڻ اچي ٿو. بداخلاقي ڪندڙ ۽ گاريون ڏيندڙ شخص وزيراعظم نه هجڻ گهرجي. عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿي ته معاملا روڊن تي کڻي اينداسين. ڪالهه پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران مريم اورنگزيب، مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا اسعد محمود، اڪرم دراني، ڪامران مرتضيٰ، صلاح الدين ايوب، جمال الدين سميت جي يو آءِ اسلام(ف) جي ٻين ميمبرن به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران پارليامينٽ لاجز جي صورتحال سميت ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي جي رٿ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات کانپوءِ مولانا فضل الرحمان ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف وزيراعظم عمران خان کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي زبان کي لغام ڏي، ٻي صورت ۾ اسان کي لغام ڏيڻ اچي ٿو. هن چيو ته پهريان عليما خان جي اثاثن جو جواب ڏيو، اوهان بني گالا جو گهر ڊڪليئر ناهي ڪيو، ان جو جواب ڏيو. پاڪ فوج دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم منهنجي باري ۾ بوٽ پالش جون ڳالهيون ڪري ٿو. جڏهن پرويز مشرف نوازشريف جي حڪومت ختم ڪئي ته مان به جيل ۾ هئس. حرام حرام جون ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي بني گالا واري گهر جو حساب ڏئي. جيڪڏهن عمران خان ڊي چوڪ اچڻ چاهي ٿو ته اسان به سياسي طور تي مقابلي لاءِ تيار آهيون.شهباز شريف شيخ رشيد کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته گهرو وزير شيخ رشيد نه پر شيخ حرم آهي. هن چيو ته جمهوريت جي لاءِ سموري اپوزيشن قربانيون ڏنيون آهن. پوڻا چار سال هي اپوزيشن کي چور ۽ ڦورو چوندو رهيو آهي. منهنجي ۽ نوازشريف مٿان ڪوڙا الزام لڳائيندو رهيو. عمران خان کي پنهنجي اندر ۾ ڏسڻ گهرجي. عمران خان جي ڀيڻ وٽ ايترا مهانگا گهر ڪٿان کان آيا. پهريان ان جو حساب ڏئي. شهباز شريف چيو ته عمران خان جيڪا ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. هو نواز شريف کي ڀڳوڙو چئي رهيو آهي پر تمام جلد پاڻ ڀڳوڙو ٿيڻ وارو آهي. عمران نيازي ڌانڌلي جي پيداوار آهي، اسان تي الزام هڻندڙ پاڻ اسٽيبلشمينٽ جو آندل آهي. اسان منهن کوليو ته کيس لڪڻ لا جا نه ملندي. هن چيو ته جي يو آءِ ايم اين ايز سان ظلم ٿيو پر مولانا فضل الرحمان بردباري جو مظاهرو ڪيو. آئون اڳ ۾ عمران خان جي ڳالهين جو جواب نه ڏيندو هيس پر اڄ ڏنو آهي. ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان چيو ته اوهان جي زبان ٻڌائي رهي آهي ته اوهان وزيراعظم جي عهدي تي ويهڻ جي لائق نه آهيو. پي ڊي ايم جي سربراهه چيو آهي ته اسان کي اميد آهي ته عدم اعتماد ڪامياب ٿيندي پر امڪان آهي ته نه به ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري عمران خان! اهو نه سوچجانءِ ته تنهنجي حڪومت کي هلڻ ڏينداسين. هن چيو ته معاملا روڊن تي کڻي اينداسين، ملڪ انارڪي ڏانهن ويندو ۽ پوءِ تون ئي چوندين ته ايئن نه ڪيو.مولانا فضل الرحمان چيو ته توهان عمران خان جون تقريرون ٻڌو، لڳي ٿو ته هو پيدائشي طور تي شرافت کان محروم آهي. خبر ناهي ڪهڙي معاشري ۾ وڏو ٿيو آهي، اسان جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي.مولانا چيو ته قوم جي نجات جا ڏينهن ويجها اچي چڪا آهن، توهان ڏٺو ته رات جو قوم کي روڊن تي اچڻ جي دعوت ڏني ته هڪ ڪلاڪ کان به اڳ ملڪ جام ٿي ويو. عمران خان اسان توکي جام ڪرڻ چاهيون ٿا، تنهنجي فطرت ۾ شرافت ناهي. گاريون ڏئين ٿو، نالا بگاڙين ٿو، تنهنجو ان منصب تي ويهڻ ان منصب جي توهين آهي، اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ته جنهن خلاف عدم اعتماد پيش ٿي چڪي آهي، اهو ڪهڙي ريت ائين عوام ۾ تقريرون ڪري رهيو آهي. آرمي چيف طرفان عمران خان کي ڊيزل چوڻ کان روڪڻ جي سوال تي فضل الرحمان چيو ته مون کي اهڙي ڪنهن ڳالهه جو علم ناهي، توهان ڄاڻو ٿا ته مان ڪهڙي سياست ڪندو آهيان، مان سدائين خيال رکندو آهيان، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهيان. اسان سڀني جو احترام ڪيون ٿا، عمران خان کي وارننگ ڏئي رهيا آهيون ته پنهنجي ٻولي درست ڪري. ڪالهه ئي ڊي جي آ ايس پي آر چيو ته اسان نيوٽرل آهيون ۽ اڄ وزيراعظم چئي رهيو آهي ته نيوٽرل ته رڳو جانور ئي هوندا آهن. ان بيان جو ڇا مطلب آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button