اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 7 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، 723 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 7 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، 723 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 723 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 956 مريض لاڏاڻو ڪري ويا. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 298 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 17 هزار 809 علاج هيٺ آهن، انهن مريضن مان 677 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 14 لک 69 هزار 405 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 39 هزار 540 ٽيسٽون ڪيون ويون. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6 لک 78 هزار 788 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button