پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ نينگري عدالت ۾ پيش، دارالامان حوالي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ محمود آباد جي رهواسڻ 14 ورهين جي عمر نينگري مسڪان جي وڏي عمر جي مرد سان شادي ڪرائڻ وارو معاملي جو چائلڊ ميريج تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نينگري کي وومين پوليس ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي 14 ورهين جي مسڪان 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو. عدالت مسڪان کي 12 ڏينهن لا دارالامان موڪلي ڇڏيو ۽ نوجوان وقاص کي 12 ڏينهن لا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. شنوائي بعد مسڪان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون وقاص سان رضا خوشي سان شادي ڪئي آھي، منهنجي ماسي ۽ ما بدپيشو ڪرائيندا هئا، جنهن کان تنگ ٿي مون 38 ورهين جي وقاص سان شادي ڪئي، مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي. هوڏانهن سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي مهوش 14 ورهين جي مسڪان جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو، جنهن بعد ڄاڻايو ويو ته مسڪان جي عمر 14 سال آھي ۽ 5 کان 6 مهينن جي حمل سان پڻ آھي، ياد رهي ته سندس شادي 10 ڏينهن اڳ ٿي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button