پاڪستانسنڌ

هارين جي ووٽن جي اهميت آهي، پر سندن جسم تي ڪپڙو ناهي:ميرپورخاص ۾ سيمينار

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سنڌ ھاري تحريڪ پاران “21 ھين صدي ۾ سنڌ جي ھارين جي صورتحال” جي عنوان ھيٺ پريس ڪلب ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، مزدور تحريڪ جي اڳواڻ نور محمد ٽالپر، آبادگار تحريڪ جي اڳواڻ غلام مصطفى، ھاري تحريڪ جي اسماعيل خاصخيلي، سگا اڳواڻ تاج رند، بار جي صدر شوڪت راھمون، سماجي اڳواڻ واجد لغاري، منظور ميمڻ ۽ ٻين چيو ته 21 ھين صدي ۾ سنڌ جي ھارين جي صورتحال 7 سئو سال اڳ کان به وڌيڪ خراب آھي، ڀارت ۾ ھاري تحريڪ پنھنجا حق وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آھي، پر سنڌ جي 80 سيڪڙو ھارين کي ويھڻ لا زمين ناھي ملي سگھي، ھارين جي آواز اٿارڻ لا عدالتون قائم نه ٿي سگھيون آھن، جيڪي ڪئمپون قائم ڪيون ويون، اتان به ھنن کي بيدخل ڪيو ويو، صوبائي توڙي قومي اسيمبلين ۾ ھارين جي ووٽ جي اھميت آھي، پر ھاري جي جسم تي ڪپڙو ناھي، سندن اولاد تعليم به حاصل نٿو ڪري سگھي، ھارين لا جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھن ٿا، پر اسڪولن ۾ استاد ناھن، سھولتون ناھن ۽ نائي معياري تعليم آهي. هنن چيو ته جاگيردار، سردار ۽ وڏيرا جڏھن قومي ۽ صوبائي اليڪشن ۾ حصو وٺن ٿا ته سندن خاندان جا فرد به پولنگ تي اچي ووٽ ڏيڻ پسند نه ڪندا آھن، پر ھارين جي ووٽن تي اسيمبلين ۾ پھچندا آھن، پر ھارين جي جاگيردارن وٽ اھميت ناھي. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ھاري تحريڪ پنھنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ھارين کي منظم ڪري پئي. سنڌ ۾ جديد ٽيڪنالوجي ۽ مشينري اچڻ سبب وڏيرن جاگيرن ھارين کي پوئتي ڌڪي ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي اڳتي آندو آھن، جنھن سبب ھاري جو نظام ختم ٿي رھيو آھي، جاگيرداري نظام خلاف سڃاڻ ڌرين مائي بختاور، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري مير علي بخش ٽالپر، فاضل راھو ۽ رسول بخش پليجو سميت ٻين ڪيترن ئي ھاري اڳواڻن جدوجھد ڪئي. ان موقعي تي رامجي ڪولهي، حميد چنا، ستار رند، علي نواز ڏاهري، شگن ڪولهي، محب ڀيل ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button