پاڪستانسنڌ

محسن بيگ ڪيس، ايف آئي اي کان جاچ جو مڪمل رڪارڊ طلب

ڪراچي: صحافي محسن بيگ جي ڪراچي ۾ داخل ڪيس بابت شنوائي ۾ عدالت هن وقت تائين جي جاچ جو مڪمل رڪارڊ گهري ورتو آهي. ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ داخل ڪيس جي خلاف صحافي محسن بيگ جي درخواست بابت شنوائي ٿي. اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته محسن بيگ جي گهر تي ڇاپي جو خاص پسمنظر آهي، اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن سان زيادتي ٿئي. محسن بيگ جي وڪيل لطيف کوسه چيو ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 3-3 ڪيس داخل ڪيا ويا، خالد جاويد خان چيو ته جيڪا قانوني مدد گهري مان حاضر آهيان، ايف آئي اي کي جاچ ڪرڻ ڏيو، هن مرحلي تي ڪيس ختم ڪرڻ مناسب نه هوندو.

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو اٽارني جنرل کان پڇا ڪئي ته جاچ ڪڏهن مڪمل ٿيندي اهو ٻڌايو اوهان وٽ رقم جي ڏي وٺ يا رقم ڏيندڙ سان رابطي جا ثبوت آهن، عدالت چيو ته جيڪڏهن 10 ماڻهو رابطي ۾ هئا ته ڪنهن هڪ بابت ڪيئن پڪ سان چيو وڃي محسن بيگ اوهان جي خلاف درخواست ڏني هئي، رشوت گهرڻ جي. جسٽس محمد اقبال چيو ته اسان اوهان کي آخري ڀيرو چئي رهيا آهيون جيڪڏهن ٺوس ثبوت پيش نه ڪري سگهيا ته سخت حڪم جاري ڪنداسين، ظاهر ۾ سرڪاري ڪارروائي بدنيتي تي ٻڌل لڳي ٿي. عدالت هن وقت تائين جي جاچ جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو. عدالت ڪيس جي شنوائي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button