اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي گادي واري شهر ۾ بدامني ٿي ته گهرو وزير کان وٺي ڊپٽي ڪمشنر تائين سڀ ذميوار هوندا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عاصما ملڪ طرفان پي ٽي آءِ ۽ ٻين سياسي جماعتن کي ڊي چوڪ تي جلسي کان روڪڻ جي درخواست تي شنوائي ٿي. عاصما ملڪ چيو ته اسلام آباد ۾ پرتشدد احتجاج ۽ ٽڪراءَ جو خدشو آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي جي احتجاج سان جهيڙا ٿيندا. پي ٽي آءِ ۽ ٻين سياسي جماعتن جي ڊي چوڪ تي ميڙاڪي کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن شهري يا پارٽي کي پرامن احتجاج کان نٿا روڪي سگهون. اها ريگوليٽر جي ذميواري آهي. عدالت خطرن کي ماپڻ جو ڪم نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن بدامني ٿي ته گهرو وزير کان وٺي ڊپٽي ڪمشنر تائين سڀ ذميوار هوندا. عدالت اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج کي يقيني بڻائڻ جي ذميواري گهرو وزارت ۽ انتظاميا کي ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close