پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت جا وزير ۽ مشير اگھور ننڊ ستل آھن: حسنين مرزا

گولاڙچي: سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي پارلياماني ليڊر بئريسٽر حسنين مرزا گولاڙچي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن طرفان ڏنل آجياڻي ۾شرڪت ڪرڻ بعد گولاڙچي جي واٽرسپلائي جو دورو ڪري واٽر فلٽريشن پلانٽ سميت تلائن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي حسنين مرزا چيو ته يوسف رضا گيلاني جي دور حڪومت ۾ ڊاڪٽر فھميدہ مرزا جي ڪوششن سان ميگا فلٽر پلانٽ فراھم ڪيو ويو ھو پر سنڌ حڪومت جي نااھلي سبب گولاڙچي جو عوام پيئڻ جو گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھي. هن چيو ته بدين ضلعي ۾ ھن وقت پيئڻ جو پاڻي سڀني کان اھم مسئلو آھي پر ھتان جي چونڊيل نمائندن کي عوام جي ڪابه پرواھه نه آھي. هن وڌيڪ چيو ته ھڪ پاسي بدين جو عوام اڃ مري رھيو آھي، ٻئي پاسي وزير ۽ مشير اگھور ننڊ ستل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button