پاڪستانسنڌ

سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ ظلم ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي ٿل ڪئنال فيز 2 جي تعمير کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ مسلسل ظلم ڪيو پيو وڃي. وفاقي حڪومتون سدائين سنڌ دشمن فيصلا ڪري سنڌو تي ڌاڙا ھڻنديون رھيون آھن. ڪڏھن ڪالاباغ ڊيم، ڪڏھن ڪو ٻيو ڊيم ته ڪڏھن وري ٿل ڪئنال جو بم ڪيرائي سنڌ کي ھميشه لا تباھه ڪرڻ جا منصوبا سامھون آندا وڃن ٿا.

اياز لطيف پليجي چيو ته مخالف ڌر ۽ وفاقي حڪومت ۾ اقتدار تان جنگ ھلي رھي آھي، ڪنھن کي به مھانگائي، بيروزگاري، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، ڪرپشن ۽ بيڊگورننس نظر نٿي اچي، اقتدار جي جنگ دوران وفاقي حڪومت پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ دشمن منصوبن جا اعلان ڪري رھي آھي، جيڪي ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھن. اياز لطيف پليجي چيو ته تونسا پنجند، چشما جھلم لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھه آھن، اھي فوري طور تي بند ڪيا وڃن، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي، جنھن سان سنڌ ۾ وڏي بيروزگاري ۽ غربت ٿي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button