پاڪستانسنڌ

مٽياري ۾ مقامي زميندار جي زيادتين خلاف رهواسين جو مظاهرو

مٽياري: مٽياري شهر جي موسى پاڙي جي رهواسين ڌڻي بخش مڱڻهار، رمضان مڱڻهار، ابراهيم مڱڻهار، توت اوڏ ۽ ٻين بااثر زميندار جي زيادتين خلاف مٽياري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري شديد نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن الزام مڙهيندي چيو ته مٽياري جي بااثر زميندار اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي.

جنهن جي اسان مٽياري ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪئي آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي مقامي زميندار جي زيادتين کان بچائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button