پاڪستانسنڌ

تلھار لڳ سرڪاري اسڪول 40 سالن کان عمارت کان محروم

تلھار: تلھار لڳ يونين ڪائونسل پيرولاشاري ۾ سرڪاري اسڪول جي پي ايس ناٿو خاصخيلي گذريل چئن ڏھاڪن کان عمارت کان محروم آهي، خبر موجب تلھار ويجھو يونين ڪائونسل پيرولاشاري ۾ جي پي ايس ناٿو خاصخيلي نالي سان سرڪاري اسڪول 1980ع منظور ٿيو هو، جنھن جي عمارت اڄ ڏينهن تائين نه ٺهي سگھي آهي، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪچي اڏاوت ڪرائي اسڪول ۾ تعليمي عمل کي جاري رکرايو آھي، جڏھن ته اسڪول ۾ فرنيچر جي نه ھجڻ ڪري معصوم ٻارڙا پٽ تي ۽ ٽٽل بئنچن توڙي سرن جون دڪيون ٺاھي ان مٿان ويھي تعليم پرائي رھيا آھن.

ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن تعليمي کاتي جي نااھلي خلاف صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ ناٿو خاصخيلي ۾ واحد ھڪ اھو ئي اسڪول آھي، جنھن ۾ معصوم 80 ٻارڙن کي ھڪ ئي استاد پڙھائي ٿو، پر ھتي اسڪولي عمارت جو نه ھجڻ ۽ بنيادي سھولتون نه ملڻ ڪري معصوم ٻارڙا ۽ ھڪ استاد شديد پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، جنھن جو اڄ ڏينهن تائين وزير تعليم توڙي وزيراعلى سنڌ ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button