پاڪستانسنڌ

ٽنڊومحمدخان پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان جي شهري علائقي مان پوليس مبينه طور نوجوان مسد ملاح کي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪندي مٿس سٽي ٿاڻي تي 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ سومار ملاح جي رهواسين، نوجوان مسد ملاح جي مبينا طور 13 ڊي جي ڪيس ۾ گرفتاري تي پوليس خلاف ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس جي خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي محمد زمان ملاح، رسول بخش ملاح، گلشير ملاح، عمر ملاح، الهبخش ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي نوجوان مسد ملاح کي سٽي پوليس جي اهلڪارن نجي اسپتال مان علاج ڪرائڻ تي بيمار حالت ۾ گرفتار ڪري 2 ڏينهن نامعلوم هنڌ قيد ۾ رکڻ کانپوءِ سٽي ٿاڻي تي 13 ڊي جو من گهڙت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي گرفتاري ڏيکاري ڇڏي آهي، اسان جي نوجوان تي ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڏوھه جو ڪيس يا ڦر جو ڪيس داخل نه ٿيل آهي، پوليس اسان جي نوجوان کي ڏوهاري ظاهر ڪري انصاف جو قتل ڪيو آهي، اسان جي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي، داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button