پاڪستانسنڌ

زراعت کي هٿي ڏيارينداسين ۽ اپت به وڌيڪ ٿيندي: منظور وساڻ

ٽنڊوڄام: 12 ڪڙو رپين جي لاڳت سان گھرايل 12 ڪبائينڊ هارويسٽر مشينون ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي وڏي وزير جي زراعت کاتي واري صلاحڪار منظور حسين وساڻ چيو آهي ته اهي مشينون فراهم ڪرڻ سان سنڌ جي زراعت کي هٿي ملندي ۽ آبادگارن جي اپت به وڌيڪ ٿيندي. هو ڪالهه ايگريڪلچر انجنيئرنگ ورڪشاپ ۾ ملٽي لائين انٽرپرائيزز لاهور وٽان گھرايل ڪمبائينڊ هارويسٽر مشينون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته کيس جيئن ئي زراعت کاتو مليو ته هن زراعت بابت اهم قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.

هن چيوته اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سنڌ سرڪار جي وقتائتي قدمن سبب آبادگارن کي ڪمند جو اگھه 250 روپيا في مڻ ڏنو پيو وڃي ۽ ملن به آڪٽوبر ۾ ڪريشنگ شروع ڪري ڇڏي، جيڪو سمورو ڪريڊٽ سنڌ سرڪار ڏانهن وڃي ٿو نه ته اڳ ۾ نومبر تائين به ڪمند جي پيڙائي شروع نه ٿيندي هئي، جنهن سان آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيندو هو. هن چيو ته ڪڻڪ جو به فصل لهڻ کان اڳ ان جو اگھه 2200 روپيا مقرر ڪري خوراڪ کاتي کي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۽ وقت سر انهن کي بارداني جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جون هدايتون ڪيون ويون. هن چيو ته ماضي ۾ ڪجھه غلطيون ۽ ڪوتاهيون ضرور ٿيون آهن پر اڃا وقت ويو ناهي، ٿيل ڪوتاهين جي ازالي لاءِ زراعت کاتي ۾ جنگي بنيادن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سموري سنڌ ۾ سمورا واٽر ڪورس پڪا ڪرايا ويندا ۽ پاڻي جي زيان کي روڪڻ لاءِ اريگيشن ڊرپ سسٽم لڳايو ويندو. تقريب کي سيڪريٽري زراعت اعجاز احمد مهيسر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button