پاڪستانسنڌ

سنڌ جي وڏي وزير جي مخدوم خليق الزمان جي وارثن سان تعزيت

هالا: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مخدوم ھائوس ھالا پھچي نامياري سياستدان ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي مک ڪردار مرحوم مخدوم خليق الزمان جي لاڏاڻي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر مخدوم رفيق زمان، صوبائي وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم فخرالزمان، مخدوم انيق الزمان، مخدوم لبيب الزمان سان تعزيت ڪري ڏک ونڊيو ۽ مخدوم خليق الزمان جي بلند درجات ۽ سوڳوار مخدوم خاندان جي صبر ۽ جميل لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير امتياز شيخ، فياض ٻٽ به وڏي وزير سان گڏ ھئا، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضى علي شاهه، ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ ۽ ٻيا به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button