پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ اشرافيه جي مختلف ڌڙن ۾ اقتدار جو جهيڙو آهي: عابد حسن منٽو

حيدرآباد: عوامي ورڪرز پارٽي طرفان ٻن سالن لا يوسف مستي خان کي صدر ۽ ڪامريڊ بخشل ٿلهو کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ لاهور ۾ ٻن ڏينهن جي ڪانگريس منعقد ڪري نوان عهديدار چونڊيا ويا. ايڊووڪيٽ اختر حسين، شهاب خٽڪ ۽ عبدالله سافي کي سينيئر نائب صدر، عاصم سجاد کي ڊپٽي سيڪريٽري، جاويد اختر کي سيڪريٽري تنظيمي امور، فرزانه باري عورت سيڪريٽري، حمزه ورڪ سيڪريٽري تعليم، ڪفايت الله هاري سيڪريٽري سميت مختلف شعبن جا عهديدار چونڊيا ويا، ڪانگريس ۾ 53 رڪني فيڊرل ڪميٽي پڻ چونڊي وئي. ڪانگريس ۾ 500 ڊيلگيٽ سان گڏ مختلف کاٻي ڌر جي پارٽين جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

پارٽي جي باني صدر عابد حسن منٽو خطاب ڪندي چيو ته چونڊيل قيادت ملڪ جي سياسي حالتن کي ڏسندي پنهنجي جدوجهد کي تيز ڪري، هن چيو ته اسان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي 2 تڪراري خطا سمجهون ٿا، جن کي مڪمل آزادي ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جيڪو تازو بحث شروع ڪيو ويو آهي، ان جو عوام جي مسئلن سان ڪجهه به نٿو وڃي. ملڪ ۾ اشرافيه جي مختلف ڌڙن ۾ اقتدار جو جهيڙو آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي صدر يوسف مستي خان چيو ته اسان هاڻ هارين، مزدورن ۽ مظلوم قومن وٽ پنهنجو سگهارو آواز کڻي تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. پارٽي روشن خيال ۽ ٻين کاٻي ڌر جي تنظيمن سان گڏجي سامراجي نظام جي خاتمي ۽ سوشلسٽ انقلاب لا جدوجهد ڪندي. مظلوم قومن ۽ اقليتن تي جبر ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، ملڪ گذريل 74 سالن کان عالمي مالياتي ادارن جي ڪنٽرول ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button