اسلام آبادپاڪستان

3 وفاقي وزير پي ٽي آءِ ڇڏي ويا،ڌمڪيون ملڻ بعد سنڌ هائوس آيس:رميش وانڪواڻي

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار وانڪواڻي دعويٰ ڪئي آهي ته ٽي وفاقي وزير پي ٽي آءِ ڇڏي ويا آهن ۽ هڪ ڇڏڻ وارو آهي. اهي ڪير آهن، انهن جا نالا في الحال نه ٻڌائيندس. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي رميش ڪمار چيو ته آئون غلط ڪمن جي هميشه نشاندهي ڪندو رهندو هوس. پارليامينٽ لاجز ۾ منهنجي زال کي پي ٽي آ جي ماڻهن فون ڪري مون کي گڏهه چيو، اهي اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن. زال کي ڌمڪيون ملڻ بعد سنڌ هائوس آيس ۽ وڏي وزير کي تحفظ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته مون کي پئسن جي ضرورت ناهي، ڪير به خريد نٿو ڪري سگهي. منهنجي ڪاوڙ جا ڪافي سبب آهن، چاهيان ٿو ته سڀ کان وڌيڪ اقليتي برادري جا ڪم ٿين. هن شهباز گل جي لڳايل الزامن جي به ترديد ڪندي چيو ته مون ڪنهن سان به رابطو ناهي ڪيو، آئون چوان ٿو ته عمران خان سٺو ماڻهو هو ۽ آهي. هن کي مشيرن غلط مشورا ڏنا آهن. هن وقت 33 ميمبر اسيمبلي ڇڏي ويا آهن. هاڻي عمران خان کي فوري استعيفا ڏيڻ گهرجي. واضح رهي ته رميش ڪمار طرفان اها دعويٰ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي تي ووٽنگ جون تياريون جاري آهن ۽ سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جا 24 جي لڳ ڀڳ ايم اين اي موجود آهن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار به سنڌ هائوس ۾ موجود آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button