اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وزيراعظم کي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. ان ڏس ۾ ذريعن موجب سنڌ ۾ گورنر راڄ جي معاملي تي گهرو وزارت سمري جي تياري شروع ڪري ڇڏي. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سنڌ هائوس ايڪسپوز ٿي ويو آهي، سنڌ جي عوام جو پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي. مون وزيراعظم کي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت ۾ اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن جي صدارت وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڪندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت جائزو ورتو ويندو ۽ سمري تيار ڪئي ويندي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ڪا به ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، اتي جيڪي ماڻهو ويا، شيخ رشيد چيو ته عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. هن تجويز ڏني آهي ته سنڌ ۾ گورنر راج لاڳو ڪيو وڃي، هاڻي اهو فيصلو وزيراعظم تي آهي ته هو ڇا ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته سنڌ هائوس بي نقاب ٿي چڪو آهي، قوم عمران خان سان گڏ بيٺي آهي. لاجر ۾ ڪنهن جي جان کي خطرو ناهي، سنڌ هائوس ۾ ميمبرن جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي. ٻئي طرف پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اطلاعات واري وزير سعيد غني ردعمل ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت سنڌ هائوس تي ڪارروائي ڪئي ته ردعمل شديد هوندو. وزيراعظم ۽ وفاقي وزير ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهو تاثر ڏنو ويو ته سنڌ هائوس ۾ ميمبرن کي جبري رکيو ويو آهي، پر اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته اهي سڀ پنهنجي مرضي سان موجود آهن. ڪنهن ايم اين اي سان زبردستي ڪئي وئي ته اسان به شرافت جي چادر ناهي پاتي، رڳو پي ٽي آ نه پر پ پ ۽ نوازليگ جا ميمبر به موجود آهن. هن چيو ته عمران خان هاڻي اڳوڻو وزيراعظم چورايو ويندو، پو هي چوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو؟ سعيد غني چيو ته اها شرم جي ڳالهه آهي ته هو ميمبرن جي جاسوسي ڪرائي رهيو آهي. ميمبرن جا فون ٽيپ ڪرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.اهي ڄاڻن، سندن تڪ جا ماڻهو ڄاڻن پر اهو واضح ٿي ويو آهي ته اتي سنڌ جي عوام جو پيسو استعمال ڪيو پيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close