پاڪستانسنڌ

مدئجي ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، معصوم نينگر زخمي

مدئجي جي ڪچي واري علائقي 20 ميل ٿاڻي جي حد ڳوٺ مور جي وانڍ ۽ ڳوٺ فقير ڳوٺ جي رهواسي جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ دوران علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾گولي لڳڻ سبب فقير ڳوٺ جو رهواسي 9 ورهين جو معصوم نينگر محمد زبير پٽ گلاب علي جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو. زخمي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته پنهنجي برادري سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جوابدارن فائرنگ ڪري نينگر زخمي ڪيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button