پاڪستانسنڌ

ڪشمور جي ڪچي ۾ مڙس گوليون هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدار مڙس فائرنگ ڪري نوجوان زال کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ نبي بخش سنبلاڻي مزاري ۾ جوابدار دلي جان مزاري فائرنگ ڪري 24 ورهين جي نوجوان زال بخت خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو ته جوابدار دلي جان مزاري جو ڀا سان زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ اتفاقي گولي لڳڻ سبب عورت بخت خاتون مارجي وئي آهي. واقعي جي اطلاع تي ڪشمور پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لا سول اسپتال آندو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان عورت بخت خاتون پنهنجي مڙس هٿان مارجي وڃڻ واري واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button