پاڪستانسنڌ

رستم ويجهو پيار پرڻي بعد ڌار ڪيل عورت جو زمين ۾ پوريل لاش هٿ

رستم ويجهو پيار پرڻي بعد دوکي سان ڌار ڪيل پريميڪا جو لاش رستم پوليس هٿ ڪري ورتو. 6 مهينا اڳ ڳوٺ ساجن پنهوار واسي وحيد پنهوار ۽ ڳوٺ محمود پنهوار واسي شادي شده ناري افسانه پنهوار گهران نڪري اسلام آباد جي فيملي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد جوڙي کي دوکي سان ڳوٺ ساجن پنهوار گهرائي نشو ڏيڻ بعد سندس جي ڏير وحيد پنهوار جي ڀا عبدالقدير پنهوار ناري کي بااثرن فقير نورمحمد پنهوار، شاهنواز پنهوار، تاج محمد پنهوار، غلام علي ڪڪڙو، ديدار پنهوار ۽ نظير پنهوار جي معرفت اڳوڻي مڙس عمران پنهوار جي حوالي ڪيو هو، جنهن بعد سندس اڳوڻي مڙس ساٿين سان گڏجي ناري کي قتل ڪرڻ بعد لاش گم ڪري ڇڏيو. پريمي وحيد پنهوار پاران ها ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن بعد پوليس ڳوٺ محمود پنهوار تي چڙهائي ڪري پوليس مڙس عمران پنهوار، نظير پنهوار، شرف الله پنهوار ۽ علي حسن پنهوار کي گرفتار ڪري رستم ٿاڻي تي گناهہ نمبر 69-2021 قلم ،311-302-149-148 ppc تحت سرڪار جي مدعيت ۾ نظير پنهوار، سرور پنهوار، برڪت پنهوار،گل نواز پنهوار، نورمحمد پنهوار ۽ عمران پنهوار سميت 8 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هو. پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪيلن جي نشاندهي تي ناري جو لاش هٿ ڪري ورتو. پوليس ناري جي لاش جو خانپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش پريمي وحيد پنهوار جي حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button