
لاڙڪاڻي جي الھه آباد پاڙي ۾ شادي شده نوجوان آصف چنا گهريلو پريشانين کان تنگ اچي ڦاهو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته نوجوان گهرواري طرفان پيڪن ۾ ترسڻ جي ڪري ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي. خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي گهر واري نگينه ٻڌايو ته ساهرا مون مٿان غلط الزام لڳائيندا هئا جنهن ڪري مون پيڪين ۾ رهائش اختيار ڪئي، اڄ خبر پئي ته مڙس ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.