پاڪستانسنڌ

رستم ويجهو پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب عورت قتل

رستم ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ عورت زينب زال معراج عطراڻي قتل ٿي وئي. رستم ويجهو ڳوٺ فضلي جتوئي ۾ عطراڻي ۽ ڪمالاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ وحيد ڪمالاڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ تان شروع ٿيل جهيڙي ۾ ماٺار نه اچي سگهي. ٻنهي ڌرين جي ماڻهن مورچا بند ٿي هڪ ٻئي مٿان اينٽي ايئر ڪرافٽ سميت جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عطراڻي برادري جي عورت 30 ورهين جي زينب زال معراج عطراڻي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي قتل ٿي وئي، ڌريون 4 ڪلاڪن تائين هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪنديون رهيون. رستم پوليس لاش خانپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button