پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾نوجوان ڇوڪري فوت،ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

ڳڙهي خدابخش ڀٽو واسڻ 19 ورهين جي نوجوان ناري نازيه ڌيءَ حبيب الله چانڊيو کي سندس وارثن بلڊ پريشر ۽ بخار سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو جتي علاج دوران ڇوڪري فوت ٿي وئي. جڏهن ته ناري جي وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو ۽ ڊاڪٽرن سان منهن ماري به ڪئي. ان موقعي تي ناري جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي نياڻي بلڊ پريشر ۽ بخار ۾ مبتلا هئي، جنهن کي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو. هنن الزام لڳايو ته داخل ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن ان جو بهتر علاج نه ڪيو جنهن ڪري اسان جي نياڻي اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي آهي، جڏهن ته علاج نه ڪرڻ تي اسان ڊاڪٽرن کي ايلاز منٿون ڪيون جن اسان سان منهن ماري ڪري بنا علاج جي روانو ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button