پاڪستانسنڌ

درگاهه سعدي موساڻي تان ٽيڪسي ڪار ڪندڙ عورت ۽ مرد ڦورو نڪتا

درگاهه سعدي موساڻي تان ڪرائي تي ٽيڪسي ڪندڙ مسافر عورت ۽ مرد ڦورو نڪتا. ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد بريداري ويجهو لنڪ روڊ تي اڳ انتظار ۾ بيٺل ساٿين سان گڏ ڊرائيور امداد سولنگي کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي گاڏي ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. رابطي تي ٽيڪسي ڊرائيور امداد سولنگي ٻڌايو ته سعدي موساڻي تان عورت ۽ مرد ٽيڪسي بريداري اسٽاپ لا ڪرائي تي ڪاھي ويا، جن بريداري ويجهو لنڪ روڊ تي اڳ تاڙ ۾ بيٺل ساٿين ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار ڄڻا ڪار جي اڳيان گاڏي بيهاري، جنهن تي ڪار ۾ ويٺل مرد ۽ عورت چيو اسان کي اتي لاهي، اهي اسان جا ماڻھو آھن، انھن سان وينداسين جيئن مون گاڏي بيھاري ته انھن ھٿيار سڌا ڪري مون کي ڪار مان لاھي موبائيل فون ڦري گاڏي ڪاھي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button