پاڪستانسنڌ

جوهي ۾ ٻه هفتا اڳ قتل ٿيل نينگر جي وارثن جو احتجاج

ڪاڇي جي ڳوٺ ڪنڊو ٻٻر ۾ ٻه هفتا اڳ بيدردي سان قتل ڪيل نينگر مبارڪ ٻٻر جي قتل ۾ گهربل مک جوابدارن جي گرفتاري لا وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي ايس پي آفيس ۽ جوهي ٿاڻي جي مُک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي وارثن جمن ٻٻر، احمد خان ٻٻر، سانوڻ ٻٻر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٻه هفتا اڳ نينگر مبارڪ ٻٻر کي قتل ڪيو ويو، جنهن جو ڪيس ڊرگهه بالا ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس ٻه هفتا گذرڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته نينگر جي قتل ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڊرگھه بالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنڊو ٻٻر ۾ ڪهاڙيون ھڻي قتل ڪيل 15 ورهين جي نوجوان مبارڪ علي ٻٻر جي قتل ۾ ملوث جوابدار شريف ٻٻر کي بالا پوليس گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڊرگھه بالا شوڪت لنڊ جو چوڻ آھي مبارڪ ٻٻر قتل ڪيس ۾ ٻه جوابدار وزير ٻٻر ۽ صالح ٻٻر اڳ ۾ ئي گرفتار آھن ٽيون جوابدار شريف ٻٻر کي گرفتار ڪيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button