پاڪستانسنڌ

ميان صاحب ويجهو نوجوان کي زال طرفان قتل ڪرائڻ جو انڪشاف

ميان صاحب ويجھو ٻه مھينا اڳ گم ٿيل نوجوان کي سندس زال پريمي سان گڏجي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو. ٻه مھينا اڳ گم ٿيل نوجوان عبدالفتاح پٽ عبدالوهاب سيلرو جو لاش ملڻ بعد مقتول جي زال منظوران، سس شھزادي ۽ سالو عظيم سيلرو سميت ٽن ڄڻن کي نوجوان جي قتل الزام ھيٺ پوليس گرفتار ڪري ورتو. الزام ھيٺ آيل مک جوابدار ھٿ نه اچي سگھيو. نوجوان کي سندس زال منظوران پنهنجي چاھيندڙ پاڙيسري جلال سيلرو سان ملي ڪري قتل ڪرائڻ جي شڪ ۾ پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته مقتول جو قتل ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو. رابطو ڪرڻ تي جھان واهه پوليس ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ جھان وارهه صديق شر ٻڌايو ته نوجوان کي سندس سس ۽ گھرواري پنهنجي چاھيندڙ ھٿان قتل ڪرايو آهي. ھنن پاڻ اھڙو اعتراف گرفتاري بعد ڪيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button