پاڪستانسنڌ

ڊکڻ ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هلندڙ جهيڙو ختم ڪرائڻ لا ميڙ منٿ قافلو پهتو

ڊکڻ ويجهو 8 مهينا اڳ آسيه ڌيءَ نظام الدين لاشاري کي اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش رتوديرو ڀرسان سم شاخ ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس لاشاري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن جي قتل جو الزام نويدي خان لاشاري جي ڀائٽي سراج لاشاري مٿان لڳو. ڏوهه کي قبوليندي نويدي لاشاري معزز ماڻهو نيازي خان پٺاڻ، امير علي شر، ڊاڪٽر خليل الرحمان سيال، مير محمد جاگيراڻي، نفيس علي شر ۽ ٻين کي ساڻ ڪري ڳوٺ عارب لاشاري ۾ عالم خان چانڊيو ڏانهن ميڙ منٿ قافلو وٺي ٺاهه لاءِ پهتو، جنهن بعد عالم خان چانڊيو ٻن ڏينهن جي مهلت طلب ڪري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button