پاڪستانسنڌ

ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ خلاف فريد آباد ۾ احتجاج

ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ پاڻي جي کوٽ ۽ واٽر سپلا ڪم ۾ ڪرپشن خلاف هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيش ضلع دادو جي اڳواڻن ميھر علي ڏيرو، سڪندر بروھي، پير محمد ڏيرو، محرم علي رند، شبير ڪرٽيو، سجاد علي ڏيرو، روشن ٻگهيو، جي ايم ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 103 ڏينهن به مظاهرو ڪيو ويو. ھنن چيو ته ڪاڇي ۾ پيئڻ پاڻي جي سھولت ناھي، ڪاڇي واسي پاڻي ڍڪ لا تڙپي رھيا آهيون. واٽر سپلا  جي ڪم ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئر، ايس ڊي او ميهڙ جي ملي ڀڳت سان ٺيڪيدار ولي الله ڀٽو ڪرپشن ڪري واٽر سپلا جا پائيپ وڪرو ڪري ڪم بند ڪري گم ٿي ويا آھن، عوام احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهي. ھنن چيو ته جيڪڏھن احتجاج جو نوٽيس وٺي پيئڻ جي پاڻي سهولت نه ڏني وئي ته ان جا ذميوار ڊي سي دادو ۽ پبلڪ انجنيئر هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button