پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو قتل ڪيس جو چالان جمع نه ٿيو، وارثن جو ها ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

ڪراچي: ناظم جوکيو قتل ڪيس جو چالان جمع نه ڪرائڻ تي ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو ۽ سندس وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته قتل واري واقعي کي پنج مهينا گذري ويا آهن ۽ ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي، عدالتي حڪم باوجود پراسيڪيوشن ۽ جاچ آفيسر اي ٽي سي ڪورٽ ۾ چالان پيش نه ڪيو، عدالت 14 مارچ تي جاچ آفيسر کي ٻن ڏينهن اندر دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

فريادي جي وڪيل محمد خان چيو ته جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو فائل وٺڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، جڊيشل مئجسٽريٽ ملير 8 فيبروري تي ڪيس جو چالان اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وڪيل چيو ته ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته ڪيس جو چالان گردش ڪري رهيو هجي ۽ ڪير وٺڻ لاءِ تيار ناهي، سموريون حقيقتون سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو رکنداسين ته امير ۽ غريب لاءِ الڳ قانون آهي. وڪيل چيو ته مقتول جي بيواهه شيرين جوکيو تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، صرف ۽ صرف انصاف گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button